حبا بخاري

حبا بخاري

حبا بخاري

حبا بخاري: مشھور اداڪاره حبا بخاري 29 جولاءِ 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. بي. ڪام تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي جي شروعات 2015ع ۾ ’تیری میری جوڑی‘ ڊرامي ۾ سھڪاري اداڪاره طور ڪئي. جڏهن ته 2017ع ۾ ’تھوڑی سی وفا‘ ۽ ’بھولی بانو‘ ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ’تھوڑی سی وفا‘ ڊرامي ۾’سيمل‘ واري سندس ڪردار کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. سندس ٻين ڊرامن ۾:چھوٹی سی زندگی(2016ع)٬ سلسلے(2018ع)٬ ہارا دل(2018ع)٬ رمز عشق(2019ع)٬ دیوانگی(2019ع)٬ تڑپ(2020ع)٬ فتور(2021ع) انتہاء عشق (2021ع)٬ بے رخی(2021ع)٬ میرےھمنشین(2022ع)٬ پہچان(2022ع)٬ عشق نہیں آسان(2022ع)٬ تیرے عشق کے نام(2023ع) ۽ جھوک سرکار(2023ع) شامل آهن. ان کان علاوه ٽيلي فلمن ۾:’لو پکڑے گئے‘ (2020ع)، ’زویا نے ہاں کردی‘ (2021ع) ۽ ٻيون شامل آهن. سندس فن جي مڃتا طور کيس هم اوارڊ ملي چڪو آهي. سندس شادي اداڪار سيد عاريز احمد سان ٿيل آهي.


لفظ حبا بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو